تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

حيدرآباد ۾ عورت جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڄامشورو جي رهواسي عورت نورجهان زمين تي مبينا طور قبضي خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته ڄامشورو پاور هائوس ڀرسان سندس 140 ايڪڙ زمين آهي جنهن تي راڄڙ برادري جي بااثر جان محمد راڄڙ، ڇٽو راڄڙ، اسماعيل راڄڙ ۽ ٻين قبضو ڪري هٿيار بند ويهاري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڄاڻايل واقعي بابت حد جي پوليس وٽ دانهيو آهي پر پوليس بااثر ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرائي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.