تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

حيدرآباد ۾ زال مڙس دربدر، ڪرائي جي گهر مان نيڪالي، احتجاج

حيدرآباد (بيورورپورٽ) حيدرآباد جي علائقي نوراني بستي جي رهواسڻ ريحانا ۽ سندس مڙس جاويد مالي سهائتا نه ٿيڻ ۽ ڪرائي جي گهر مان نيڪالي ملڻ خلاف معصوم ٻارن سميت پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثر فيملي ٻڌايو ته لاڳيتو لاڪ ڊائون سبب هو بک ۽ بيروزگاري جي ڪري فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن، وٽن ايترو ناهي جو پنهنجي ٻارن کي ٻه ويلا ماني کارائي سگهن پوءِ هو هاڻي گهر جو ڪرايو ڪٿان ادا ڪن. هنن چيو ته ٽن مهينن کان گهر جو ڪرايو نه ڏيڻ سبب گهر مالڪ هاڻي گهر خالي ڪرائي رهيو آهي ۽ هن پهرين گهر جي گئس بند ڪري ڇڏي هئي، هاڻي بجلي پڻ بند ڪري ڇڏي آهي ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته فوري طور تي سندس گهر خالي ڪيو وڃي. متاثر عورت موجب سندس مڙس ڏهاڙيدار مزدور آهي. لاڪ ڊائون کانپوءِ هن کي مزدوري نه ملي ۽ ڪجهه ڏينهن هو مزدوري تي وڃي ٿو پر اجرت جي پئسن مان هو پنهنجي گهر جو سيڌو سامان وٺن ٿا. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس مالي سهائتا ڪئي وڃي جيئن هو گهر جي ڪرائي سميت پنهنجي گهروارن کي بکيو سمهارڻ بدران هڪ ويلو ماني کارائي سگهن.

Bookmark the permalink.