تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

حيدرآباد: زمين تي قبضي ۾ملوث 2 ڀائر پوليس اهلڪار برطرف

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد زمين تي قبضي جي معاملي ۾ ملوث ٻن پوليس اهلڪارن کي برطرف ڪري ڇڏيو. برطرف ٿيل پوليس اهلڪار پاڻ ۾ سڳا ڀائر آهن ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ مقرر ٿيل هئا. ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد جن پوليس اهلڪارن کي برطرف ڪيو آهي انهن ۾ ڪانسٽيبل امداد علي ۽ ڪانسٽيبل احمد نواز جمالي شامل آهي. سندن خلاف ٽنڊو محمد خان جي علائقي جي هڪ شخص محمد اسحاق درخواست ڏني هئي ته ٻنهي ڀائرن سندس زمين تي قبضو ڪيو آهي ۽ ڪوڙا دستاويز ٺهرايا آهن، پوليس اهلڪارن خلاف ايڊيشنل آءِ جي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ سندس آفيس جي ڪمپلينٽ سيل جي انچارج انسپيڪٽر عبدالقادر سمون جي رپورٽ کانپوءِ ٻنهي ڄڻن کي نوڪرين مان برطرف ڪري ڇڏيو. برطرف ڪيل پوليس اهلڪار 30 ڏينهن ۾ پوليس جي اعليٰ اختيارين وٽ اپيل داخل ڪرائي سگهندا.

Bookmark the permalink.