تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

جديد ٽيڪنالاجي سنڌ جي مشهور راندين کي ماضي جو قصو بڻائي ڇڏيو

چڪ(رپورٽ: آزاد انور مهر) جديد ٽيڪنالاجي سنڌ جي اوائلي راندين جون سرگرميون ماٺيون ڪري ڇڏيون. ٺپي راند، ڏيٽي ڏڪر، لاٽو ڦيرائڻ، چندن، ڪانيءَ، انڊڪ منڊڪ ۽ پٺو راند سميت ٻيون ڪيتريون ئي قديمي رانديون پنهنجو عروج وڃائي چڪيون آهن، الميو اهو آهي ته نئين نسل کي ماضي جي مشهور سنڌي راندين جا نالا به ياد ناهن، جديد دور ۾ جتي ڪرڪيٽ جي تيزي سان وڌندڙ رجحان ۽ روز ايجاد ٿيندڙ نت نون موبائيل اپليڪيشن ۽ مختلف وڊيو گيم پنهنجي عروج تي پهتل آهن اتي سنڌ جو قديمي ٻاراڻيون رانديون ماضي جو قصو بڻجنديون پيو وڃن. ملهه، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، پٺو، ڪاني، گڏيون، انڊ منڊ، ڏيٽي ڏڪر، لاٽون ۽ ٻيون رانديون ڏسڻ ۾ ئي نه پيون اچن. سالن کان وٺي ماڻھن جي وندر ۽ دلچسپين جو ڪارڻ بڻيل هي رانديون سنڌ جي ٻھراڙين سان گڏ شھري آبادين ۾ به وڏي شوق سان کيڏيون وينديون هيون، پر جديد ٽيڪنالاجي جي دور اچڻ کانپوءِ شھرن ۾ ته انهن راندين جي پڄاڻي ٿي چڪي آھي. ٻھراڙي ۾ جتي جديد دور جو سهولتون مهيسر ناهن، اُتي جا رهواسي اڄ به انهن راندين کي زنده رکيو پيا اچن. ٻھراڙي جي وڏي آبادي به هن قديمي راندين کي اهميت ڏيڻ گهٽائي ڇڏي آھي، اڪثر ماڻھو موبائل تي ويهي بنا تڪليف ۽ موبائيل گيمون کيڏي وقت گذارين ٿا. ماضي ۾ هي رانديون تعليمي سرگرمين جو به حصو بڻيل رهيون آهن، تعليمي ادارن ۾ باقائده راندين جا هفتيوار پيرڊ رکيل هوندا هئا، جن لاءِ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ پي ٽي استاد هوندا هئا جن ۾ استاد شاگردن کي انهن راندين بابت تربيت به ڏيندا هئا، اهي رانديون صحت لاءِ به وڏيون ڪارائتيون آهن، کيڏڻ سان ماڻھو مختلف بيمارين کان محفوظ رهي ٿو.

Bookmark the permalink.