تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

تاحيات پابندي وارو معاملو، سليم ملڪ پي سي بي جي سوالنامي جو جواب تيار ڪري ورتو

لاهور: (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان سليم ملڪ پي سي بي جي سوالنامي جو جواب تيار ڪري ورتو آهي جنهن کي اربع تي جمع ڪرائڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب وڪيلن جي ٽيم طرفان تيار ڪيل جواب ۾ سليم ملڪ سمورن الزامن کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن بورڊ وٽ ثبوت آهن ته عدالت ۾ پيش ڇو ناهن ڪيا.جيڪڏهن آءِ سي سي پي سي بي ڏانهن ڪا رڪارڊنگ موڪلي آهي ته اها ڏني وڃي. هن چيو ته جنهن اخبار جي الزامن جو ذڪر ڪيو پيو وڃي اهو غلط بياني تي بند ٿي ويو آهي.منهنجي ڪيترن ئي ماڻهن سان ملاقات ٿي آهي پر اهو ياد رکڻ مشڪل آهي ته ڪنهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون. دوستن سان کل مذاق وارين ڳالهين جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي هوندو.

Bookmark the permalink.