تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

بورد جو سوالنامو ملي ويو، عيد کانپوءِ جواب ڏيندس: سليم ملڪ

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سليم ملڪ کي پي سي بي پاران سوالنامو ملي ويو آهي، اڳوڻي ڪپتان وڪيلن جي مدد سان عيد بعد جواب جمع ڪرائيندو. پاڪستان ڪريڪٽ بورڊ پاران اڳوڻي ڪپتان سليم ملڪ کي ڪيترن ئي صفحن تي ٻڌل سوالنامو ملي ويو آهي، جنهن ۾ کانئس ميچ فڪسنگ ۽ بڪيز سان ملاقات جي حوالي سان سوال ڪيا ويا آهن.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سليم ملڪ سوالنامو ملڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان وڪيلن جي مدد سان جو اب تيار ڪري رهيو آهيان، جيڪو عيد کانپوءِ جمع ڪرايو ويندو. هن چيو ته مان ڪيترن ئي سال خاموش رهيس پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سوالن جا جواب ڏيان، هاڻي خاموش رهڻ سنگين غلطي هوندي. سليم ملڪ چيو ته جڏهن مان جواب جمع ڪرائيندس ته اهي ساڳيا ئي سوال ميڊيا آڏو به رکيا ويندا.

Bookmark the permalink.