تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

برفاني کنڊ انٽارڪٽيڪا ۾ ڳاڙهاڻ کانپوءِ ساوڪ جا نظارا

لنڊن (دلچسپ نيوز) انٽارڪٽيڪا جو نالو ٻڌي ذهن ۾ اهو کنڊ اچي ٿو جتي رڳو برف هوندي آهي پر هاڻي يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو ته اتي ڪجهه حصا هاڻي سرسبز ٿي ويا آهن.برفاني کنڊ ۾ ساوڪ نظر اچڻ لڳي آهي اهڙو موسمياتي تبديلين سبب ٿي رهيو آهي. هونئن ائين ناهي ته انٽارڪٽيڪا ۾ گاهه پٽڻ شروع ٿي ويو آهي پر ان جي ڪجهه حصن تي نظر ايندڙ سائو رنگ هڪ پاڻي واري گاهه جو نتيجو آهي. برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي ۽ برٽش انٽارڪٽڪ سروي جي ماهرن جي هڪ ٽيم سيٽلائيٽ ڊيٽا ۽ زميني طور تي وڃي اهڙي ساوڪ واري حصو جو نقشو تيار ڪيو. هن نقشي ذريعي مستقبل ۾ هن سائي برف جي پکڙجڻ جي اڳڪٿي به ڪئي وئي آهي ۽ نتيجن کي جرنل نيچر ڪميونيڪيشن رسالي ۾ شايع ڪيو ويو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هي سائو رنگ جو تهه ڪنارن کان نظر اچي رهيو آهي ۽ سائنسدانن جو چوڻ هو ته هي الجي انهن حصن ۾ وڌي رهي آهي جتي وچولو گرمي پد گرمين جي موصم ۾ ٻڙي سينٽي گريڊ کان گهٽ وڌيڪ هجي ٿو. هوڏانهن هلندڙ سال فيبروري ۾ انٽارڪٽيڪا جي اتر ۾ واقع galindez آءِ لينڊ ۾ برف ڳاڙهي ٿي وئي جنهن جون تصويرون يوڪرائن جي تعليم ۽ سائنس واري وزارت هڪ فيس بڪ پوسٽ تي شيئر ڪيون هيون. هي ڳاڙهاڻ اصل ۾ ڳاڙهي رنگ جي آبي گاهه جو نتيجو هئي.

Bookmark the permalink.