تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندس، نوٽيس موڪليندڙ خلاف ڪارروائي ڪريو: شعيب اختر

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ايف آءِ اي پاران طلبي نوٽيس تي پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايف آءِ اي پاران طلبي نوٽيس تي فاسٽ بالر شعيب انسپيڪٽر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. وڪيل ابوذر سلمان نيازي ذريعي ڊي جي ايف آءِ اي کي خط ۾ شعيب اختر پاران موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته انسپيڪٽر وقاض رضوان ڪهڙي بنياد تي مونکي پيش ٿيڻ جو چئي رهيو آهي، نوٽيس موڪليندڙ بابت جاچ ڪئي وڃي. اڳوڻي ڪرڪيٽر ايف آءِ اي جو نوٽيس ملڻ جي تصديق ڪندي اڳ ئي ان نوٽيس کي هٿ ٺوڪيو ۽ سمجهه کان ٻاهر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پي سي بي جي قانوني صلاحڪار تفضل رضوي شعيب اختر خلاف ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل ڪري رکيو آهي، جنهن تي 5 جون تي صبح 11 وڳي شاد مان آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.