تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

انگلينڊ جو دورو: ٽريننگ ڪيمپ بابت حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستنا ڪرڪيٽ ٽيم جي امڪاني رانديگرن جي ٽريننگ ڪيمپ جي حوالي سان اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو. ڪورونا وائرس جي پکيڙ وڌڻ جي ڪري ٽيم مينجمينٽ کي ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي انگلينڊ جي دوري کان اڳ ون جي پهرين هفتي ۾ 25 کان 30 رانديگرن جي ٽريننگ ڪيپ جو پلان ٺاهيو هيو، پر بائيو سيڪور انتظامن ۾ ڪيم لڳائڻ لاءِ پي سي بي اڃا تائين ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي انگ، تاريخ جي تعين ۽ ڪيمپ جي مدت جو به فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، موجوده صورتحال ۾ وڌيڪ رانديگرن، اسٽاف ۽ ٻين ماڻهن جي موجودگي ۾ ٽريننگ جو خطرو کڻڻ لاءِ ٽيم مينجمينٽ تيار نٿي نظر اچي. رانديگر گهرن ۾ ٽريننگ ۾ رڌل آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم مينجمينٽ وٽ مختصر وقت لاءِ ڪيمپ جو ئي آپشن رهجي ويو آهي، جيڪو 20 جون بعد ئي شروع ٿيندو.

Bookmark the permalink.