تازا ترين
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

اعصام الحق به ڊريم پيئر مهم ۾ شامل، راجر فيڊرر سان جوڙ جو خواهشمند

لنڊن(اسپورٽس نيوز)  ٽينس اسٽار اعصام الحق به ڊريم پيئر مهم ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ هن ٽينس اسٽار راجر فيڊر سان گڏ جوڙي ٺاهي آندري اگاسي ۽ رافيل نڊال جي خلاف کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سوشل ميڊيا تي جاري ڊريم پيئر مهم هاڻ ٻين راندين جي قومي رانديگرن کي به پنهنجي سحر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي ڪپتان قومي هاڪي ٽيم کان پوءِ مشهور ٽينس اسٽار اعصام الحق قريشي به پنهنجي راند جا ڊريم پيئرز چونڊيا ويا آهن.اعصام الحق اي ٽي پي ٽور رينڪنگ ۾ چوٿين نمبر تي موجود سوئٽزرلينڊ جي راجر فيڊر سان گڏ ڪورٽ شيئر ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.هن چيو ته مان راجر فيڊر کي پاڻ سان گڏ ڊريم پيئر ۾ چونڊي مشهور اڳوڻي ٽينس اسٽار آندري آگاسي ۽ موجوده رينڪنگ ۾ ٻئين نمبر تي اسپين جي اسٽار رافيل نڊال جي جوڙي جي خلاف ميدان ۾ لهڻ چاهيندس.ياد رهي ته ان کان اڳ وسيم اڪرم، شعيب اختر، نوجوان پيسر نسيم شاهه جڏهن ته سعيد اجمل، مرحوم عبدالقادر کي چونڊي ڊريم پيئر مهم ۾ شامل ٿي ويا آهن.

Bookmark the permalink.