تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

آءِ سي سي چيئرمين لاءِ جوڙ توڙ، گنگولي، ڪولن گريوز، سري نواسن ۽ عمران خواجا ڊوڙ ۾ شامل

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي جي نئين چيئرمين لاءِ جوڙ توڙ تيز ٿي وئي آهي، سارووگنگولي، ڪولن گريوز، سري نواسن ۽ عمران خواجا ڊوڙ ۾ شامل آهن. تفصيل موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ششانڪ منوهر جي عهدي جو مدو هلندڙ سال جي آخر ۾ ختم ٿي ويندو. موجودا چيئرمين ششانڪ منوهر قانون موجب وري چونڊجي نٿو سگهي انڪري امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هن ڀيري سخت چونڊ ٿيندي جنهن ۾ ڪيترائي اميدوار حصو وٺندا.آءِ سي سي اڃا تائين پنهنجو ڪوبه نمائندو سامهون نه آندو پر وائيس چيئرمين عمران خواجا کي سامهون آڻڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي، ذريعن موجب عمران خواجا جي آءِ سي سي اندر سخت مخالفت پڻ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين ڪولن گريوز مضبوط اميدوار طور سامهون آيو آهي کيس ڪجهه ٻين ڪرڪيٽ بورڊز جي حمايت حاصل آهي، جڏهن تج ڀارت مان اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان ساروو گنگولي ۽ اڳوڻو بي سي سي آءِ صدر سري نواسن اميدوار طور سامهون آيا آهن.

Bookmark the permalink.