تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

300 ملازمن سمورو فارم هائوس ڪلهن تي کڻي ورتو!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) ڌاتو سان ٺهيل وڏي فارم هائوس يا اسٽورز جي اڏاوت ۽ ان جي مرمت لاءِ هميشه هيوي مشينري جو سهارو ورتو ويندو آهي پر سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ مشينن جو ڪم انسان ڪندي نظر اچن ٿا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ 300 ماڻهو ميٽل جي فارم هائوس کي هٿن تي کڻي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقل ڪري رهيا آهن. فارم هائوس جي منتقلي دوران هڪ شخص کين هدايتون فراهم ڪري رهيو هو. ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪيل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ هيل تائين لکين ماڻهو ڏسي چڪا آهن.

Bookmark the permalink.