تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ھيري پوٽر

برطانوي ليکڪا جي ڪي رولنگ جو تخلق ڪيل جادوئي ڪردار ھيري پوٽر ايتري شھرت ماڻيندو اھا ڪل ته ليکڪا پاڻ کي به شايد ڪانه ھوندي جي ڪي رولنگ ھيري پوٽر سيريز تي ڪل ست ناول لکيا آھن جيڪي 1997 کان ڇپجڻ شروع ٿيا. انھن ۾ ” ھيري پوٽر اينڊ دي فلاسفرس اسٽون ” 1997، “ھيري پوٽر اينڊ دي چيمبر آف سيڪرٽس” 1998، “ھيري پوٽر اينڊ دي پريذنر آف آذڪبان” 1999، “ھيري پوٽر اينڊ دي گوبليٽ آف فائر ” 2000، “ھيري پوٽر اينڊ دي آڊر آف فيونڪس” 2003، “ھيري پوٽر اينڊ دي ھاف بلڊ پرنس ” 2005 ۽ “ھيري پوٽر اينڊ دي ڊيٿلي ھالوز ” 2007ع شامل آھن.
ھي ست ئي ناول اسان کي جادو جي دنيا ۾ وٺي ٿا وڃن، جنھن ۾ ليلي ۽ جيمز پوٽر نالي جادوگر جوڙي جي پٽ “ھيري پوٽر” ھاگورٽس اسڪول آف وچ ڪارفٽ اينڊ وزرڊي ۾ گذاريل ستن سالن جو احوال ۽ جادو واري دنيا جي سڀ کان خطرناڪ جادوگر لارڊ ولڊيمورٽ سان ڪيل جنگ جو ذڪر ملي ٿو. ولڊيمورٽ ڪاري جادو ڪندڙ ھو جنھن جي ڪري کيس ھن کي دي ڊارڪ لارڊ به چيو ويندو هو، ھن کي اھڙن ماڻھن سخت نفرت هئي جيڪي جادو کان اڻ واقف” مگلوز ھئا يا وري جن جي والدين مان ڪو ھڪ جادوگر ھو (ھاف بلڊ) کان تمام گھڻي نفرت هوندي ھئي، ۽ سندس سوچ هئي ته رڳو مڪمل جادوگرن کي ئي جادو ڪرڻ ۽ جيئڻ جو حق آھي، ان لاءِ ھن مگلس ۽ ھاف بلڊ کي مارڻ شروع ڪيو، جيڪو به جادوگر يا جادوگرياڻي سندس جي رستاروڪ ڪندو هو ته ھي انهن کي به ماري ڇڏيندو هو، ھن پنھنجي ھڪ مڪمل فوج تيار ڪئي جنھن کي ڊيٿ ايٽرز جو نالو ڏنل هو. ولڊيمورٽ کي موت جو ڀوءَ ھو، انڪري ھن سدائين زنده رھڻ لاءِ سندس روح جا ست ٽڪرا ڪري ۽ انھن کي مختلف شين ۾ لڪائي ڇڏيو،ڇو ته جيستائين هوڪرڪس ختم نه ٿيندا تيستائين ولڊيمورٽ کي موت نه ايندو .اھي ست ٽڪرا هوڪرڪس ھئا
ٽام ريڊل جي ڊائري جنھن کي ھيري پوٽر دي چيمبر آف سيڪرٽس ۾ ختم ڪيو.
ولڊومورٽ جي ماءَ مارولو گانٽ جي منڊي .
ھيلگا ھفلپف جو ڪوپ.
سليزار سليٿرن جو لاڪٽ.
نگيني نالي نانگ.
روينا ريون ڪلف جو تاج، ۽
ھيري پوٽر .
ولڊيمورٽ سڀن جادوگرن پنھنجو ساٿ ڏيڻ جي لاء چيو پر ھيري پوٽر جي ماءَ ۽ پيءَ ولڊيمورٽ خلاف بغاوت ڪئي ته ھو انھن کي مارڻ لاءِ سندن گھر پھتو، جڏھن سندس نظر ننڍڙي ھيريءَ تي پئي ته ھن ان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھيري کي بچائڻ لاءِ سندس ماءُ ليلي وچ ۾ اچي مري وئي، ولڊيمورٽ جو جادو واري عمل “اسپيل”موٽي اچي ھن کي لڳو ۽ ھيريءَ کي به لڳو، جنھن جي ڪري اڻڄاڻائي ۾ ھيري ولڊيمورٽ جو ستون ھوڪرڪس بڻجي ويو ۽ ھيري جي نرڙ تي ھڪ نشان ٺاھي ھليو ويو، جنھن کانپوءِ جادوگرن جي دنيا ۾ ھيري پوٽر،تمام مشھور ٿي ويو، ڇو ته فقت هيري ئي هو جيڪو ولڊيمورٽ جي دهشت کان بچي نڪتو هو . سواءِ ڪارو جادو ڪندڙ جادوگرن جي باقي سڀني جادوگرن ۽جادوگرياڻين لاءِ اھو ضروري ٿي پيو ته اهي ھيري پوٽر کي زنده رکن، ڇو ته رڳو ھيري ۾ ئي ولڊيمورٽ کي ھارائڻ جي طاقت ھئي.هيري يارنھن سالن جي عمر تائين سندس ماسي پيٽونيا وٽ رھيو جڏھن يارهن سالن جو ٿيو ته پروفيسر ڊمبلڊور ھن هاگورٽس اسڪول ۾ جادوئي تعليم ڏيڻ لاء وٺي ويو جتي هن جي ملاقات رون ويزلي ۽ ھرمائني گرينجر سان ٿي ۽ ھنن ٽنهي ۾ دوستي پڻ ٿي وئي. ٽام رڊل جي ڊائري جيڪو لارڊ ولڊيمورٽ جو پهريون هوڪرڪس هو ان کي ختم ڪرڻ کان پوء ھنن ٽنهي اڻڄاڻائي ۾ ولڊيمورٽ جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو . ان کان پوء اسڪول ۾ ڪيترائي لاڙھا چاڙها آيا ۽ آخر ڪار هيري پوٽر ۽ ولڊيمورٽ آمهو سامهو آيا ۽ وڏي جنگ کان پوء لارڊ ولڊيمورٽ کي هيري جي هٿان شخست نصيب ٿي ۽ موت جو زائقو چکڻو پيو . اهڙي طرح جادوئي دنيا کي ڊراڪ لارڊ ولڊيمورٽ کان نجات ملي ۽ ھيري پوٽر جادوئي دنيا جو بي تاج بادشاه بڻجي ويو . ته هي آھي هيري پوٽر ناول جي ڪهاڻي جنهن جي لکڻ بعد جي ڪي رولنگ شھرت جي بلندين تائين پهچي وئي . هيري پوٽر تي فلمون ٺھڻ کان پوء ھن ڪردار کي اڃان وڌيڪ چار چنڊ لڳي ويا هنن ٻنهي سريزن رڪارڊ ڪاروبار ڪيو آھي . جيڪي ٻارن طوڙي وڏن ۾ بيحد مقبول ٿيا آھن .

Bookmark the permalink.