تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

گهر وارن کي ٻڌائڻ کانسواءِ ڊرامي جو آيڊيشن ڏنو ته مار ملي: نوشين شاهه

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا نوشين شاهه چيو آهي ته زندگي ۾ ڪڏهن نه سوچيو هو ته مان اداڪارا بڻجنديس، نجي خابرو ويب سائيٽ موجب خوبصورت اداڪارا ٻڌايو ته 16 سالن جي عمر ۾ گهر ٻڌائن کانسواءِ ڊرامي جو ايڊيشن ڏنو ۽ ان ڊرامي ۾ اداڪارا ميرا ۽ وينا ملڪ سان ننڍڙو ڪردار مليو ۽ منهنجي زندگي جو هي پهريون ڊرامو هو، اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن پهريون ڀيرو ڊرامي ۾ نظر آيس ته مون کي والده وٽان ڪٽڪو مليو، واضح رهي ته ايبٽ آباد سان واسطو رکندڙ اداڪارا نوشين شاهه ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن کانسواءِ وڏي اسڪرين تي به اداڪاري ڪري چڪي آهي.

Bookmark the permalink.