تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪڏهن ڪڏهن رڳو پراميد رهڻ گهرجي: ڪرينا

ڪرينا سارا علي خان کي همٿائي رهي آهي: سوشل صارفين جو رد عمل

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور جو چوڻ آهي ته انسان کي ڪڏهن ڪڏهن رڳو پراميد رهڻ جي ضرورت هوندي آهي. انسٽاگرام تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي اداڪارا چيو ته ڪڏهن ڪڏهن انسان کي اميد نه ڇڏڻ گهرجي. مداحن طرفان اداڪارا جي تصوير کي پسند ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه صارفين سندس پوسٽ کي سارا علي خان تي لڳايل منشيات ۾ ملوث هجڻ وارن الزامن سان ڳنڍيو آهي. سوشل صارفين جو چوڻ آهي ته اداڪارا هن پيغام سان سيف علي خان جي ڌيءُ سارا علي خان کي پراميد رهڻ جي صلاح ڏئي رهي آهي. خيال رهي ته سشانت ڪيس ۾ جاچ دوران ريا چڪربورتي اهو انڪشاف ڪيو هو ته سارا علي خان به سشانت سان گڏ منشيات استعمال ڪئي.

Bookmark the permalink.