تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪڏهن نه سوچيو هو ته “ههمراهه” بدلي ايترو پيار ملندو:عاصم اظهر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي نوجوان ڳائڻي عاصم اظهر جو گذريل ڏينهن رليز ٿيل گاني همراهه بابت چوڻ آهي ته هن ڪڏهن نه سوچيو هو ته هن گاني جي بدلي کيس ايترو پيار ملندو سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي گاني جي ڪاميابي بابت مداحن کي آگاهه ڪندي عاصم اظهر جو چوڻ هو ته ٽي سال اڳ ڪراچي ۾ قائم پنهنجي اسٽوڊيو ۾ جڏهن مان هن گاني جي ڌن ٺاهي هئي ته ان وقت تصور به نه ڪيو هو ته ان جي بدلي مونکي ايترو پيار ۽ عزت ملندي هن ٽويئٽ ۾ مداحن جا ٿورا مڃيا

Bookmark the permalink.