تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

ڪيٽي پيري جو نئون گانو جاري، حاملا هجڻ جو به اعلان

خبر ٻڌائڻ کان اڳ پريشان هيس پر موٽ ۾ اوهان جو پيار مليو آهي: ڪيٽي پيري

ڪراچي (شوبز نيوز) آمريڪي پاپ سپر اسٽار ڪيٽي پيري پنهنجو نئون گانو رليز ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي حاملا هجڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو. ڳائڻي پنهنجي نئين گاني نيور وارن وائيٽ جي وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هو پنهنجي بي بي بمپ سان نظر آئي. چئن منٽن جي هن وڊيو جي آخر ۾ ڳائڻي حاملا هجڻ جي خبر مداحن سان شيئر ڪئي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي اهڙي خبر کي شيئر ڪرڻ کانپوءِ ڳائني لکيو ته شڪر آهي مون کي وڌيڪ هن کي لڪائڻ جي ضرورت نه پوندي يا ان سبب ڪا وڏي پرس کڻي هلڻو نه پوندو. هن لکيو ته مون کي اها ڳالهه شيئر ڪرڻ کان اڳ پريشاني هئي پر خبر شيئر کانپوءِ اوهان جو پيار مليو آهي. خيال رهي ته ڪيٽي پيري هيل تائين مڱيندي اورلينڊو بلوم سان شادي ناهي ڪئي، اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته ٻئي جلد شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا.

Bookmark the permalink.