تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪينسر سبب وار ڪٽرائيندڙ ناديا جي ساهيڙي جو ساڻس ايڪي جو اظهار، پنهنجا وار به ڪٽرائي ڇڏيا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارا ناديا جميل ۾ هلندڙ سال اپريل ۾ بريسٽ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي هئي جنهن کانپوءِ سندس علاج شروع ٿيو. اداڪارا علاج لاءِ ڪيموٿراپي جي مرحلي مان گذري رهي آهي ۽ ان لاءِ کيس مٿي جا وار ڪٽرائڻا پئجي ويا. ڪينسر سان جهيڙيندڙ ناديا پاڻ بابت سموريون ڳالهيون مداحن سان شيئر ڪيون. ناديا جميل انسٽاگرام تي ڊگهي پوسٽ شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته سندس ويجهي دوست هن جيان مٿي جا وار ڪٽرائي ڇڏيا آهن. ناديا ٻڌايو ته هن جي ساڻس 25 ورهين کان دوستي آهي ۽ هن ايڪي جي اظاهر لاءِ پنهنجي مٿي جا وار ڪٽرائي ڇڏيا آهن. واضح رهي ته اداڪارا ناديا جميل جي جلد صحتيابي لاءِ مداح سندس لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.