تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪوڙ ڳالهائڻ تي ڪائيلي جينر امير ماڻهن جي لسٽ مان ٻاهر

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آمريڪي رسالي فوربز مشهور ٽي وي اسٽار ۽ ڪاروباري شخصيت ڪائيلي جينر کي امير نظر اچڻ لاءِڪوڙ ڳالهائڻ واري الزام تي پنهنجي ارب پتي ماڻهن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. مارچ 2019ع ۾ ارب پتي ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ٿيل ڪائيلي کي سيلف ميڊ شخصيت قرار ڏنو ويو هو. اداڪارا جي ڪٽنب ڪارڊيشيئن فيملي تي الزام آهي ته هنن ڪائيلي ڪاسميٽڪ جا اگهه وڌائي پيش ڪيا هئا. ميڪ اپ جون شيون وڪرو ڪندڙ هي ڪمپني ڪائيلي جينر جي ملڪيت آهي. هاڻي هن لسٽ مان ڪڍڻ تي ميگزين طرفان چيو ويو آهي ته ڪارڊيشيئن ڪٽنب جي ننڍي عمر واري ميمبر کي حقيقت جي ابتڙ وڌيڪ امير ظاهر ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.