تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪومل رضوي 39 بهارون ماڻي ورتيون، خوشي جو اظهار

زندگي خوبصورت آهي، جن به محبت جو اظهار ڪيو انهن جي ٿورائتي آهيان: ڪومل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ڳائڻي ڪومل رضوي پنهنجي سالگرهه جون خوبصورت تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو. سانگ رائيٽر ڪومل رضوي گذريل ڏينهن پنهنجي 39هين سالگرهه ملهائي، ڪومل رضوي پنهنجي سالگرهه جون تصويرون انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجن مداحن سان شيئر ڪيون. هن تصوير شيئر ڪندي الله جو شڪر ادا ڪيو ۽ لکيو ته الله واقعي سڀ کان وڏو آهي. هن لکيو ته زندگي خوبصورت آهي، سندس سالگرهه تي کيس کوڙ سارو پيار مليو آهي جنهن تي هو سڀني جي ٿورائتي آهي. تصويرن تي مداحن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.