تازا ترين
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

ڪومل رضوي به ڳائڻي مان بورچياڻي بڻجي وئي، يوٽيوب چينل شروع

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي ۽ اداڪارا ڪومل رضوي پنهنجو يوٽيوب چينل لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته پنهنجي چينل تي هو مداحن کي کاڌا پچائيندي نظر ايندي. ڳائڻ سبب مقبوليت ماڻيندڙ ڪومل رضوي جي يوٽيوب چينل جو نالو ڪومل ڪچن آهي جتي هو مداحن کي مزيدار کاڌا پچائڻ سيکاريندي. اهڙي خبر جو اعلان ڪومل رضوي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪيو. پنهنجي پوسٽ ۾ ڳائڻي لکيو ته مان نئون يوٽيوب چينل لانچ ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نالو ڪومل ڪچن آهي ۽ پهرين قسط رليز ڪري چڪي آهيان. ڪومل موجب جيڪڏهن اوهان کي شادين جهڙو چڪن قورمو ٺاهڻو هجي يا ريسٽورينٽ ۾ ملندڙ شيرمال گهر ۾ تيار ڪرڻو هجي يا رڳو اهو ڄاڻڻو هجي ته مان کاڌا ڪهڙي ريت تيار ڪريان ٿي ته منهنجون وڊيوز ضرور ڏسو ۽ سبسڪرائب ڪرڻ نه وساريندا. ڳائڻي موجب هو سومر کان خميس تائين وڊيوز شيئر ڪندي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب سندس چوڻ هو ته هو ننڍي عمر کان کاڌا پچائڻ جي شوقين آهي پر ميوزڪ ڪيريئر سبب ڪڏهن ان پاسي ڌيان نه ڏنو هو. هن چيو ته جڏهن مان 11 سالن جي هيس ته مان پڪوڙا ٺاهڻ جو ضد ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ چهرو سڙي پيو هو. ڳائڻي چيو ته چهري جو علاج ڪرائڻ لاءِ مون کي نائيجيريا کان لنڊن تائين وڃڻو پيو خوش قسمتي سان پهرين ڊگري جا زخم هئا مون کي صحتياب ٿيڻ ۾ 6 هفتا لڳا مان کڌائڻ پچائڻ لاءِ بي حد جنوني آهيان.

Bookmark the permalink.