تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

ڪورونا۽مهانگائي:ٽنڊي محمدخان جي فنڪارن عيدسادگي سان ملهائي

پرستارن کي نئين البم جي صورت ۾ عيد جو تحفو ڏنو آهي، عيد گهرڀاتين سان ملهائي: ثريا سومرو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان ۾ فنڪارائن، اديبن شاعرن ۽ سماجي ورڪرن پاران عيدالضحيٰ ڪورونا وائرس ۽ وڌندڙ مهانگائي سبب سادگي سان ملهائي وئي ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار سان ويچار ونڊيندي سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪارا ثريا سومرو چيو آهي ته عيد تي ٻڌندڙن کي منهنجي عيد وارو البم تحفي طور ڏنو آهي. عيد وارو ڏينهن پنهنجي گهر ۾ گهر ڀاتين سان ملهايو ، عيد ملڻ لاءِ مامن، چاچن جي گهر ويس ۽ انهن کان خرچي پڻ ورتم . . سنڌ جي نالي واري لوڪ فنڪارا سائره سومرو چيو آهي ته مون پنهنجي عيد خوشين سان ڪرڻ لاءِ ڳاڙهي ۽ سائي ڪلر جا ڪپڙا پاتا. ڀرت ڀريا ۽ گجن وارا ڪپڙا خريد ڪيا عيد واري ڏينهن ٻڪري جو گوشت پنهنجي هٿ سان ٺاهي بابا ۽ امان سان گڏ کائيندي آهيان ۽ عيد جو سمورو ڏينهن رڌ پچا ڪندي گزاريم . سنڌ جي نالي واري اڀرندڙ لوڪ فنڪارا راني مهڪ چيو آهي ته ، قرباني واري ڏينهن ٻڪري جو گوشت شوق سان کاڌم ۽ ٻڪري جي گوشت جا ڪباب ٺاهي پاڻ به کاڌم ۽ سهيلين کي به کارايم . سنڌ جي نالي واري لوڪ فنڪارا حسينه ڪنول چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون آهي شاديون ، ميلا ، تقريبون بند آهن جنهن ڪري چئن مهينن کان بيروزگار آهيون عيد جا ٽئي ڏينهن سادگي سان گذاريا فنڪارا فرزانه گل جو چوڻ هو ته عيد جا ٽئي ڏينهن گهر ۾ گذاريم لاڪ ڊائون ڪري هن ڀيري عيد سادگي سان ملهائي آهي. اسان غريب فنڪار هيل واري عيد لاڪ ڊائون جي ڪري تقريبن تي پابندي سبب انتهائي مشڪل حالتن ۾ ملهائي آهي اسٽيج ادا ڪاره شازيه چيو ته عيد ڪراچي مائٽن ۾ ملهائي جتي اٺ جي قرباني جو گوشت کاڌم ۽ ان جا مختلف طعام تيار ڪيا ناليور اديب مشڪور ڦلڪاري چيو ته سنڌ واسين سان گڏ عيد سادگي سان ملهائي مهانگائي جي وڌندڙ طوفان غريب مسڪين ماڻهن کان عيد واريون خوشيون کسي ورتيون آهن سماجي اڳواڻ محمد علي قريشي چيو ته عيد الضحى جا ٽئي ڏينهن ڍڳا ، پاڏا ۽ ڇيلن جي قرباني ڪئي ۽ گوشت غريب مسڪينن ۾ تقسيم ڪيو اها ئي انسانيت جي خدمت آهي

Bookmark the permalink.