تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪورونا کان بچاءُ، ڀارتي شهري نوٽ منهن تي لڳائي ڇڏيو

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ هڪ شخص ڪورونا کان بچاءَ لاءِ انوکو انداز اختيار ڪري ورتو. ڀارتي رياست ميڙٿ ۾ هڪ نوجوان ڪورونا کان بچاءَ لاءِ ڏهن رپين جو نوٽ منهن تي چمبڙائي ڇڏيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڀارتي نوجوان منهن تي ڏهه رپين جو نوٽ لڳائي گهمي رهيو آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي صارفين طرفان دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن. واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ کانپوءِ ڀارت ۾ انوکا واقعا ڏسڻ ۾ آيا آهن جڏهن ته ڪيترائي گانا به وائرل ٿيا آهن جن ۾ ڪورونا ڀاگ جا گانو به انٽرنيٽ تي وائرل ٿيو هو. وڊيو ۾ عورتون هڪ تقريب دوران ڪورونا ڀاگ جا ٿارا ڀارت ۾ ڪرو ڪام ري ڳائي رهيون هيون.

Bookmark the permalink.