تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ڪورونا وائرس باوجود رٿيل آسڪر ايوارڊز جي تقريب به ملتوي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب سينما گهر بند ڪري فلمن جي شوٽنگ ملتوي ڪئي وئي ۽ فلمن جي رليز کي روڪيو ويو، وبا سبب ڪانز فلم فيسٽيول سميت ٻيون فلمي تقريبون به ملتوي ڪيون ويون آهن. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن بيماري سبب فلم انڊسٽري جون مصروفيتون معطل ۽ رد ٿيون آهن ۽ فلم انڊسٽري کي عالمي سطح تي 10 کان 15 ارب ڊالر جي نقصان جو به خدشو آهي. فلمي دنيا جي سڀ کان معتبر ايوارڊ آسڪر به گذريل مهيني قانون ۾ ترميم ڪندي انهن فلمن کي به ايوارڊ لاءِ نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جن کي ڪورونا سبب رليز نه ڪيو ويو هو ۽ هاڻي اهي خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته امڪاني طور تي آسڪر ايوارڊز جي تقريب کي به ڪجهه مهينا ملتوي ڪيو ويندو. برطانوي اخبار دي سن موجب اڪيڊمي آف موشن پڪچرز آرٽس اينڊ سائنس جي عهديدار ايوارڊز تقريب کي ڪجهه مهينا ملتوي ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب ڪورونا وائرس سبب هلندڙ سال وڏين فلمن کي رليز نه ڪيو ويو ۽ فلم اسٽوڊوز ۽ پرادڪشن ڪمپنيز تجويز ڏني آهي ته آسڪر ايوارڊز جي تقريب ڪجهه مهينا ملتوي ڪئي وڃي. هلندڙ سال جيمز بانڊ سيريز جي 25هين فلم سميت ٻين فلمن جي نمائش ملتوي ڪئي ۽ وڌيڪ فلمن جي نمائش به ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن فلمن کي ڊسمبر يا جنوري ۾ رليز ڪيو ويو تڏهن به اڪيڊمي کي نامزدگي ۾ ڏکيائيون پيش اينديون. هيل تائين ڪنهن به فلم اسٽوڊيو يا پراڊڪشن هائوس واضح طور تي آسڪر اڪيڊمي کي ايوارڊز تقريب ملتوي ڪرڻ جي درخواست ناهي ڏني ۽ نه ئي اڪيڊمي جي اعليٰ عهديدارن ايوارڊز تقريب ملتوي ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي جڏهن ته خيال ڪيو پيو وڃي ته امڪاني طور تي تقريب کي ڪجهه مهينا ملتوي ڪري سگهجي ٿو.

Bookmark the permalink.