تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪورونامتاثرن جي سهڪارلاءِپاڪستاني فنڪارن جوآن لائن پروگرام

علي ظفر، رفاقت علي خان، هارون راشد، استاد شفقت امانت علي ۽ ٻيا آن لائن پرفارم ڪندا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب سڄي ملڪ ۾ احتياطي اپاءَ اختيار ڪندي لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو جنهن سبب ڪيترن ئي مشهور ڳائڻن مداحن لاءِ آن لائن ڪنسرٽس ۾ پرفارم ڪرڻ شروع ڪيو. پنهنجن گهرن ۾ موجود هي فنڪار آن لائن ڪنسرٽس رکڻ ۾ رڌل نظر آيا ۽ هڪ ورچيول صوفي پروگرام منعقد ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو جنهن ذريعي ڪورونا وائرس متاثرن لاءِ فنڊز گڏ ڪيا ويندا. هي آن لائن صوفي پروگرام هلندڙ سال 10 مئي تي منعقد ڪيو ويندو. هن فنڊ ريزنگ ويب سائيٽ موجب پروگرام کي حمد ۽ نعت ۽ صوفي پروگرام جو نالو ڏنو ويو آهي. نجي ويب سائيٽ موجب علي ظفر، رفاقت علي خان، علي سيٺي، هارون راشد ۽ استاد شفقت امانت علي جهڙا فنڪار پروگرام ۾ پرفارم ڪندا. ان کانسواءِ خرم اقبال، جنيد ۽ علي شير جهڙا فنڪار به پروگرام جو حصو بڻجندا. ويب سائيٽ موجب هي فنڪار ڪورونا وائرس متاثرن لاءِ فنڊز گڏ ڪرڻ لاءِ پنهنجو وقت ڏيندا. سندن وڊيو جو لنڪ 10 ڊالر جي سبڪسپرشن تي ڏنو ويندو. ويب سائيٽ موجب ڪورونا وائرس اسان سڀني کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو آهي پر هن وائرس سبب پاڻ کي انهن کان پري نه ڪريو جن کي هن وقت اسان جي مدد جي ضرورت آهي.

Bookmark the permalink.