تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪورونا: فضائي عملو به ڊاڪٽرن جهڙو بڻجي ويو!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) عام طور تي فضائي ڪمپنين طرفان عملي کي اهڙا ڪپڙا ڏنا ويندا آهن جيڪي نئين فيشن جا هوندا آهن ۽ انهن کي پهريندڙ ماڊلز کان گهٽ ناهن لڳندا. پر ڪورونا وائرس جي وبا سبب فضائي ڪمپنين طرفان مختلف اپاءَ ورتا ويا آهن. دنيا جي مشهور ڪمپنين مان هڪ قطر ايئرويز به هاڻي جهازن تي موجود عملي لاءِ مڪمل حفاظتي لباس (پي پي اي) جو استعمال 25 مئي کان لازمي قرار ڏنو آهي. ان کان اڳ گذريل ڪجهه هفتن کان ڪورونا وائرس وبا سبب دستانن ۽ فيس ماسڪس جو استعمال ڪرايو پئي ويو پر هاڻي پي پي اي کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. اهڙو قدم مسافرن ۽ عملي وچ ۾ وائرس جي مٽا سٽا کي روڪڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. سومر کان فضائي عملو مڪمل حفاظتي لباس ۾ ڪنهن اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ عملي جيان نظر ايندو جڏهن ته هفاظتي چشما، دستانا ۽ ماسڪ به سندن يونيورفارم جو حصو هوندا.

Bookmark the permalink.