تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪورونا: سيپٽمبر ۾ رٿيل وينس فلم فيسٽيول ملتوي نه ٿيندو!

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) دنيا جي قديم ترين وينس فلم فيسٽيول جي شروعات پنهنجي شيڊيول موجب هلندڙ سال سيپٽمبر تي ٿيندي. خابرو اداري رائيٽرز موجب اٽلي ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌڻ کانپوءِ اهي اڳڪٿيون هيون ته هي فيسٽيول به ملتوي يا رد ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ وينس جي گورنر لوڪا زائيا خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته فيسٽيول پنهنجي شيڊيول موجب ٿيندو. خيال رهي ته دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ميلي جو اعزاز ڪانز کي حاصل آهي پر وينس کي دنيا جي قديم ترين فلم فيسٽيول هجڻ جو اعزاز آهي جنهن کي بينيئل دي وينيزيا ڪمپني طرفان منعقد ڪيو ويندو آهي. هن فيسٽيول جي 77هين تقريب ۾ آسٽريلوي اداڪارا ڪيٽ بلينچٽ جيوري جي سربراهي ڪندي. لوڪا زائيڪا موجب فيسٽيول پنهنجي اعلانيل وقت تي منعقد ڪيو ويندو جڏهن ته اهو ضرور آهي ته ڪورونا وائرس سبب گهٽ انگ ۾ پراڊڪشن ڪمپنيون حصو بڻجنديون.

Bookmark the permalink.