تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪورونا باوجود وينس فلم فيسٽيول منعقد ٿيندو، فلمن جي لسٽ جاري

روم (دلچسپ نيوز) دنيا جي قديم ترين فلمي ميلي جو اعزاز رکندڙ وينس فلم فيسٽيول جي انتظاميا هلندڙ سال مئي ۾ واضح ڪيو هو ته فيسٽيول کي سيپٽمبر ۾ منعقد ڪيو ويندو ۽ هاڻي انتظاميا ميلي جي تاريخ ۽ ميلي ۾ پيش ڪيون ويندڙ فلمن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب اٽلي ۾ رٿيل وينس فلم فيسٽيول جي شروعات 2 سيپٽمبر کان ٿيندي ۽ ميلو 12 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. انتظاميا موجب ڪورونا وبا سبب ميلي جي تقريبن کي مختصر يا محدود ڪيو ويو آهي ۽ ريڊ ڪارپيٽ تي به ماڻهن جي گهٽ کان گهٽ انگ کي يقيني بڻايو ويندو. وينس فلم فيسٽيول دوران سماجي وٿي کي يقيني بڻايو ويندو ۽ هن ڀيري ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جاين تي فلمن جي نمائش ڪئي ويندي. مجموعي طور تي هن سال ميلي ۾ 5 درجن کان وڌيڪ فلمن کي پيش ڪيو ويندو ۽ انتظاميا جي دعويٰ آهي ته هن ڀيري ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ عورت فلمسازن جي فلمن کي چونڊيو ويو آهي. 72هين فيسٽيول ۾ مجموعي طور تي 9 ڪيٽيگريز ۾ مختلف فلمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو ۽ فيسٽيول جي سڀ کان نمايان ڪيٽيگري لاءِ 18 فلمن کي نامزد ڪيو ويو آهي. اعليٰ ترين ايوارڊ جي ڪيٽيگري لاءِ نزمدگي ڪيل 18 مان اڌ فلمون عورت هدايتڪارائن جون آهن. ماضي ۾ وينس فلم فيسٽيول انتظاميا عورت فلمسازن کي گهٽ موقعو ڏنو هو جنهن تي مٿن تنقيد به ڪئي وئي. ڪورونا وبا ۾ گهٽتائي کانپوءِ هن وڏي عالمي فلم فيسٽيول ۾ دنيا جون اهم شخصيتون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪنديون.

Bookmark the permalink.