تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي ۽ اتان جي دوستن جي ياد اچي رهي آهي: شان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي باصلاحيت اداڪار شان شاهد پنهنجي هڪ سوشل ميڊيا پيغام ذريعي ٻڌايو آهي ته کيس ڪراچي جي ياد اچي رهي آهي. لالي ووڊ جي مشهور اداڪار گذريل ڏينهن ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته مون کي ڪراچي جي ياد اچي رهي آهي. شان شاهد لکيو ته ڪراچي شهر ۾ موجود پنهنجن دوستن کي به ياد ڪري رهيو آهيان. اداڪار ڪراچي جي خاصيتن کي ياد ڪندي لکيو ته ڪراچي جي ماڻهن جي مهارت، اتان جو کاڌو ۽ خاص طور تي شهر جو سمنڊ ڪنارو ياد اچي رهيو آهي. هن ڪراچي جي سلامتي لاءِ دعا ڪندي لکيو ته منهنجو خوبصورت شهر ڪراچي هميشه سلامت رهي. هن اهو به لکيو ته الله اسان سڀني جي حفاظت ڪري ٿو. شان جي جواب ۾ اداڪار فيصل قريشي لکيو ته جلدي ڪراچي اچو ته ٻيهر ملاقات ڪريون.

Bookmark the permalink.