تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڪتن جو ڊپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪريان: سجل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سجل علي جو چوڻ آهي ته هو اڄ ڪلهه ڪتن کان ڊڄڻ واري ڊپ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي سجل علي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هو هڪ ڪتي سان کيڏي رهي آهي. ڪيپشن ۾ هن لکيو ته هو ڪتن کان هميشه ڊڄندي رهي آهي پر هاڻي هو ڪتن کان ڊڄڻ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اداڪارا لکيو ته ڪتن کان خوف به برقرار آهي پر اهو محسوس ڪيو آهي ته هن جانور کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.