تازا ترين
  • *دادو: ميهڙ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي *مقتولن جي وارث اِم رباب چانڊيو سميت سردار احمد چانڊيو، ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش *سردار احمد ۽ برهان کي جوابدارن واري ڪٽهڙي ۾ ويهاريو ويو، وڪيلن جا دليل جاري*
  • *نيوسعيدآباد ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو *ڳوٺ پاھڙ جمالي ۾ جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هڪ ٻئي جي گھرن مٿان فائرنگ *فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف، ڌريون مورچا بند*
  • *ڪراچي: احتساب ڪورٽ ۾ سمنڊ ڪناري سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ وارو ڪيس *پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا عدالت مان غير حاضر*
  • *مدئجي ويجهو پوليس اٽالن جي چڙهائي،گهر گهر تلاشي، 4 ڄڻا گرفتار،ڍور ڍڪ حوالي *پوليس اٽالن ڳوٺ علي خان واصل ڀرسان هليا ۽ جيها برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي *پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،متاثرن جو احتجاج *
  • *لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ ڇڪتاڻ برقرار *پيرا ميڊيڪل عملي جو احتجاج، مريض بنا علاج جي واپس روانا *20هين ڏينهن به او پي ڊيز کي تالا، پيرا ميڊيڪل عملي وارڊن جو ڪم به ڇڏي ڏنو *ڊيوٽي تي غيرحاضر رھندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو: ايم ايس *ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جيستائين ايم ايس کي نه هٽايو ويندو، احتجاج جاري رهندو: پيرا ميڊيڪل عملو *

ڪترينا گهريلو تشدد جو شڪار فاطمه جو آواز بڻجي وئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف گهريلو تشدد جو شڪار عورت فاطمه جو آواز بڻجي وئي. انسٽاگرام تي ڪترينا ڪيف پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته مان فاطمه آهيان. تصوير سان گڏ هن پيغام ۾ لکيو ته اڄ مان فاطمه جو آواز بڻي آهيان ۽ انهن سڀني متاثرن جو آواز آهيان جيڪي گهريلو تشدد جو شڪار ٿين ٿا پر نه ڪوئي انهن جو آواز اٿارڻ وارو آهي نه ئي ڪو سندن آواز ٻڌڻ وارو آهي. گذريل 20 سالن کان گهريلو زيادتي خلاف وڙهندڙ اين جي او جو ذڪر ڪندي هن لکيو ته انهن مسئلن جي وڌڻ سبب هن اين جي او جي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. اسان کي فنڊز گڏ ڪرڻ ۾ اين جي او جي مدد ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.