تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪبريٰ خان ننڍپڻ واري پينگهه تي لڏي يادون ورجايون

ننڍپڻ وارو گهر توڙي پينگهه سميت ڪجهه به گهڻو تبديل نه ٿيو آهي: ڪبريٰ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ڪبريٰ خان لنڊن ۾ موجود پنهنجي گهر ۾ ننڍپڻ جي ياد ۾ پينگهه تي لڏڻ جي وڊيو شيئر ڪئي آهي. ڪبريٰ خان انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته مان پينگهن تي لڏندي وڏي ٿي آهيان، موسيقي ٻڌندي ۽ الله ڄاڻي ڪهڙا خواب ڏسندي هتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذاريا، ايترن سالن ۾ ڪجهه به گهڻو تبديل ناهي ٿيو. اداڪارا ٻڌايو ته کيس اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته جنهن گهر ۾ هن ننڍپڻ گذاريو، اهو گهڻو تبديل نه ٿيو آهي. ڪبريٰ هيش ٽيگ استعمال ڪندي لکيو ته ڇا اسان سڀ اندر ۾ ننڍڙا ٻار نه آهيون؟ 27 ورهين جي اداڪارا طرفان شيئر ڪيل وڊيو کي سندس پرستار پسند ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.