تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪانز فلم فيسٽيول لاءِ 56 فلمون نامزد، ڪو مقابلو نه ٿيندو: انتظاميا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ميلي جو اعزاز رکندڙ فرانسيسي فلم فيسٽيول ڪانز جي انتظاميا هلندڙ سال جي ميلي لاءِ 56 فلمن جي نامزدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو پر انتظاميا فيسٽيول منعقد ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت واضح طور تي ڪو اعلان ناهي ڪيو جڏهن ته انتظاميا پهريون فيسٽيول انوکي انداز ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي نامزد ڪيل فلمن جي لسٽ جاري ڪئي آهي. ڪانز فلم فيسٽيول هر سال عام طور تي مئي ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي ۽ هي فيسٽيول ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت جاري رهندو آهي. فيسٽيول 12 کان 23 مئي تي رٿيل هو جڏهن ته ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪيو ويو هو ۽ انتظاميا وضاحت ڪئي هئي ته فيسٽيول جون يا جولاءِ ۾ به منعقد نٿو ٿي سگهي. خابرو اداري رائيٽرز موجب فلم فيسٽيول هن ڀيري 15 نون ڊائريڪٽرز جي فلمن سميت 16 عورت ڊائريڪٽرز جي فلمن کي به نمائش لاءِ نامزد ڪيو. انتظاميا موجب نامزد ڪيل فلمن جي ڪانز فلم فيسٽيول جي بينتر تحت دنيا جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ فيسٽيولز ۽ سينما گهرن ۾ خاص طور نمائش ڪئي ويندي. هي فيسٽيول اڳ جيان نه هوندو، هن سال فلمن ۾ ڪو مقابلو به نه هوندو ۽ نه ئي هن ڀيري ڪو ايوارڊ ڏنو ويندو. سمورين نامزد فلمن کي دنيا جي مختلف فيسٽيولز، تقريبن، ۽ سينما هالز ۾ ڏياکريو ويندو. اهو واضح ناهي ته فلمن جي نمائش جو سلسلو ڪڏهن شروع ٿيندو ۽ فلمون ڪيتري عرصي تائين ڏيکاريون وينديون. انتظاميا کي هن سال سڄي دنيا مان 2 هزار کان وڌيڪ فلمون مليون جن مان 56 فلمن کي نامزد ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.