تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪاش منهنجا ٻار پيءُ سان ٻيڙي تي منزل تائين پهچن: عرفان جي زال

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار عرفان خان جي اوچتي لاڏاڻي جي خبر کانپوءِ سڄي دنيا ۾ موجود سندس مداحن سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪيو. سڀني پيغامن ۾ هڪ پيغام سڀ کان وڌيڪ ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو جيڪو عرفان خان جي زال ۽ سندس پٽن بابل ۽ ايان طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو ويو. عرفان خان جي ڪٽنب اهو بيان سندس ئي ٽوئٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيو. بيان ۾ هنن لکيو ته “مان ڪنهن گهراڻي جي حوالي سان هن بيان کي لکان جڏهن ته سڄي دنيا عرفان جي لاڏاڻي کي ذاتي نقصان سمجهي رهي آهي، مان ڪيئن پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري سگهان ٿي جڏهن لکن جي انگ ۾ ماڻهو اسان سان ڏک ۾ شريڪ آهن. مان سڀني کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اهو نقصان ناهي، فائدو آهي، اهو فائدو ان لاءِ آهي جو عرفان اسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو ۽ نيٺ اسان ان تي عمل به ڪنداسين، مان ڪوشش ڪنديس ته اهي ڪم به ڪري سگهان جن بابت ماڻهو نٿا ڄاڻين. اسان لاءِ به ان تي يقين ڪرڻ ڏکيو آهي پر مان عرفان جي لفظن ۾ ان کي جادوئي چونديس، کڻي هو هتي هجي يا نه، عرفان خان ائين ئي چاهيندو هو، کيس ڪڏهن هڪ طرفي حقيقت سان پيار نه هو، مون کي عرفان سان رڳو هڪ اختلاف آهي ته هن مون کي سڄي زندگي لاءِ بگاڙي ڇڏيو هو. هو سڀ ڪجهه هڪ پرفيڪشن سان ڪندو هو هاڻي مون کي ان کانسواءِ ڪجهه ٻيو پسند نٿو اچي، اسان جي زندگي اداڪاري جي ماسٽر ڪلاس هئي، مان ڊاڪٽر جي رپورٽس کي به اسڪرپٽس جيان پڙهيو ته جيئن عرفان ان ۾ به پرفيڪٽ پرفارمينس ڏئي. عرفان سان رڳو شادي جو نه اتحاد جو رشتو هو. هن لکيو ته مان پنهنجي ننڍڙي ڪٽنب کي هڪ ٻيڙي تي ڏٺو جنهن ۾ مان ٻئي پٽ ۽ عرفان سوار آهيون ۽ عرفان رستو سمجهائڻ ۾ رهنمائي ڪري رهيو آهي پر زندگي سينما ناهي هتي ري ٽيڪ ناهن ٿيندا، ڪاش منهنجا ٻار پنهنجي والد سان گڏ ئي هن ٻيڙي تي منزل تي پهچي وڃن. واضح رهي ته عرفان خان جي زال ستاپا سڪدر نيسنل اسڪول آف ڊراما مان تربيت حاصل ڪئي هو بالي ووڊ جي ڊائيلاگ ليکڪ به آهي.

Bookmark the permalink.