تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڍنڍن ڍورن نه پر ڀارت جي ڳتيل آبادي واري شهر ممبئي ۾ به پرديسي پکين جا ديرا

ممبئي(انٽريسٽنگ نيوز) سڄي دنيا ۾ پرديسي پکي يا ته ڍنڍن، ڍورن، تلائن، درياهن جي پراڻن وهڪرن تي ايندا آهن يا وري انهن جاين تي اچن ٿا جتي پاڻي هجي ۽ انهن کي ڪو خطرو پڻ نه هجي. پر حيرت جي ڳالهه آهي تي ڀارت جي اقتصادي راڄڌاني ۽ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر ممبئي ۾ به پرديسي پکي ايندا آهن جيڪي هزارن جي تعداد ۾ هوندا آهن ۽ اتي ڪجهه مهينا گذاري پوءِ وري واپس هليا ويندا آهن. هن سال جيئن ته ڪورونا وائرس جي ڪري سڄي دنيا جيان ممبئي ۾ به لاڪ ڊائون آهي ان ڪري پکين لاءِ صورتحال تبديل آهي ۽ هو پرامن ۽ خاموش ماحول ۾ رهن پيا. سي اين اين جي رپورٽ موجب ممبئي ۾ هزارين پکي آيل آهن جن جا فوٽو سوشل ميڊيا تي ڌوم مچائي رهيا آهن. عام طور تي ممبئي ۾ پکي کاڌي لاءِ سيپٽمبر ۾ ايندا آهن ۽ مئي ۾ واپس هليا ويندا آهن، گذريل سال شهر ۾ هڪ لک 34 هزار پکي آيا هئا، ان کان اڳ وڌ ۾ وڌ هڪ لک 25 هزار پکي اچڻ جو رڪارڊ هو پر هن سال عملدارن کي اميد آهي ته وڌيڪ پکي اچڻ جو نئون رڪارڊ قائم ٿيندو هن سال 25 مارچ تي لاڪ ڊائون کان اڳ آيل پکين جو انگ هڪ لک 25 هزار رڪارڊ ڪيو ويو هو . هو نه رڳو شهر ۾ آيا آهن پر سامونڊي ڪناري ۽ تمر جي ٻيلن ۾ به آيا آهن جنهن ڪري انهن علائقن جي رونق ۾ به اضافو ٿيو آهي. رپورٽ موجب شهر لاڪ ڊائون جي ڪري خالي آهن جنهن ڪري پکي اتي اچي رهيا آهن، شهرن ۾ گدلاڻ جي گهٽتائي جي ڪري به پکي وڌيڪ آيا آهن، هن وقت ممبئي پنهنجي تاريخ جي سڀ کان سٺي هوا رکندڙ شهرن ۾ شامل آهن ان جي ڪري پکين ۽ جانورن کي فائدو پهتو آهي.

Bookmark the permalink.