تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڌرميندر ۽ هيما مالني اميتاڀ جي صحتيابي لاءِ دعاگو

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار ڌرميندر ۽ سندس زال هيما مالني ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيل پنهنجي ساٿي اداڪار اميتاڀ بچن جي جلد صحتيابي لاءِ دعائن وارا پيغام جاري ڪيا آهن. ٽوئٽر تي ڌرميندر اميتاڀ بچن جي ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي پيغام لکيو. هن لکيو ته اميت، جلدي سان ٺيڪ ٿي وڃو، منهنجا ننڍا ڀاءُ مون کي توهان تي پورو يقين آهي تون هڪ ٻن ڏينهن ۾ جلد صحتياب ٿي ويندي ۽ ڪورونا کي مات ڏيندين. اداڪار جيا بچن جو حوصلو وڌائيندي لکيو ته جيا بلڪل ڳڻتي نه ڪريو. ٻئي پاسي ڌرميندر جي زال ۽ اداڪارا هيما مالني به اميتاڀ بچن لاءِ ٽوئٽر تي پيغام جاري ڪيو آهي. هن لکيو ته اسان جي دعائن سان اميتاڀ بچن صتحياب ٿي ويندو.

Bookmark the permalink.