تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڊپريشن وڌيڪ هڪ فنڪار جي حياتي ڳڙڪائي ويو، ڀارتي ٽڪ ٽاڪ اسٽار آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارت جي 16 ورهين جي ٽڪ ٽاڪ اسٽار سيا ڪڪڙ آپگهات ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب 16 ورهين جي نوجوان سيا ڪڪڙ جي موت جي تصديق سندس مينيجر ارجن سارن ڪئي، هن ٻڌايو ته سيا ڪڪڙ ذاتي مسئلن سبب آپگهات ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته سيا ڪڪڙ گذريل ڏينهن آپگهات ڪري پنهنجي حياتي جو انت آندو. هن ٻڌايو ته جڏهن هو ڪم جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سيا ڪڪڙ سان مليو هو ته هو بلڪل ٺيڪ هئي نارمل لڳي رهي هئي جيئن هميشه هوندي هئي. سيا ڪڪڙ جي مينيجر ٻڌايو ته اسان ڪجهه نون پراجيڪٽس جي حوالي سان ڳالهايو پر ان کانپوءِ اوچتو سندس موت جي خبر ٻڌي حيران ٿي ويس. هن چيو ته سيا ڪڪڙ هڪ باصلاحيت نوجوان ٽڪ ٽاڪ اسٽار هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو مان ۽ منهنجي ڪمپني کيس باقاعده متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڀارتي ميڊيا موجب سيا ڪڪڙ نئين دهلي جي علائقي پريت وهار جي رهواسڻ هئي، سندس آپگهات جي واقعي کانپوءِ سيا ڪڪڙ جي گهرڀاتين ٻڌايو ته هو ڪجهه ڏينهن کان ڊپريشن جو شڪار هئي ۽ جڏهن گهرڀاتين کانئس ڊپريشن جو سبب پڇڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. سيا ڪڪڙ نه رڳو هڪ ٽڪ ٽاڪ اسٽار هئي پر هو ڊانسر ۽ آرٽسٽ به هئي، هو سوشل ميڊيا جي سڀني پليٽ فارمز تي سرگرم رهندي هئي جيئن، ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام اسنيپ چيٽ ۽ يوٽيوب وغيره، هو پنهنجي ڊنس جي وڊيوز سبب ڪافي مشهور هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو رڳو 16 ورهين جي عمر ۾ هن ڪاميابيون پنهنجي نانءِ ڪيون. ڀارتي ٽڪ ٽاڪ اسٽار جا انسٽاگرام تي هڪ لک کان وڌيڪ فالوورز آهن جڏهن ته ٽڪ ٽاڪ تي سندس فالوورز جو انگ 11 لک کان وڌيڪ آهي. واضح رهي ته هلندڙ مهيني 14 جون تي 34 ورهين جي بالي ووڊ اداڪار سوشانت سنگهه ڦاهو کائي آپگهات ڪيو هو ۽ موت کانپوءِ ڀارتي عوام ۽ بالي ووڊ فنڪار ڏکارا آهن.

Bookmark the permalink.