تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڊي جي سسٽم راڳ جي جاءِ والاري ورتي، صوفياڻو راڳ زوال پڻي جو شڪار، فنڪار بيروزگار

راڳ ۽ موسيقيءَ جي مختلف شعبن سان سالن کان سلهاڙيل فنڪارن جي فن کي جدت ڳڙڪائي وئي

چڪ (رپورٽ:آزاد انور مهر) اتر سنڌ ۾ صوفياڻو راڳ ڳائي تصوف جي تبليغ ڪندڙ اتر سنڌ جي صوفي فنڪارن توڙي سنڌي ثقافت جو اهم جز راڳ ۽ موسيقيءَ جي مختلف شعبن سان سالن کان سلهاڙيل فنڪارن جي فن کي جدت ڳڙڪائي وئي، جديد ڊي جي سسٽم سبب اتر سنڌ سوين صوفي فنڪار بيروزگار بڻجي ويا، جديد دور ۾ ولگر شاعريءَ ڳائجڻ سبب شاندار سڃاڻپ رکندڙ سنڌي راڳ زوال پڻي جو شڪار، ڪيترا ئي راڳي توڙي موسيقيءَ جي ٻين شعبن ۾ طبلي نواز، ڍولڪ نواز، شهنائي ۽ دهلاري ۽ ٻيا فنڪار مالڪي ۽ وارثي نه ٿيڻ ڪري پنهنجي ڳائڪي فن کي ڇڏي ٻين ڌنڌن ۾ جنبي ويا آهن، سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ۽ ماڻهن ۾ ثقافت بابت شعور گهٽ هئڻ سبب سنڌي ثقافتي جو هي جز سنڌ جي تقريبن شهرن مان ختم ٿيڻ لڳو آهي، ڪيترائي چڪ ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي فنڪار اڄ به پنهنجي فن ۾ ماهر سڃاتا ويندا آهن پر سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ڪري مايوسيءَ جو شڪار آهن. ماضي ۾ سنڌ جا ماڻهو اولاد ڄمڻ کان وٺي شادي تائين هر ننڍي وڏي خوشي ۾ راڳين کي لازمي گهرايو ويندو هو ۽ ان کانسواءِ تقريب نامڪمل سمجهي ويندي هئي، انهيءِ ۾ فنڪارن سان گڏ ڍولڪ نواز، چمٽو وڃائيندڙ ۽ طبلي نواز ڪلامن جي ڌنن ۽ دهلن تي تالن سان اهڙو ساز ڇيڙيندا هئا جو ٻارن کان وٺي پوڙهن تائين سڀ رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا، موجوده دور ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ شادين ۽ خوشين جي ٻين موقعن تي تصوف کي هٿي ڏيندڙ سنڌي فنڪار جي جڳهه جديد ڊي جي سسٽم، ايڪو سائونڊن ۽ غير معياري گانن سنڀالي ورتي آهي. جنهن ڪري چڪ شهر سان تعلق رکندڙ ڪيترائي فنڪار، طبلي نواز، مڱڻهار، دهلاري فقير بهترين ڪلا جا مالڪ هئڻ باوجود دُهل، شرنايون، باجو وغيره وڄاڻڻ جو وراثت ۾ مليل ڪم ڇڏي. ٻين مختلف ڪمن سان لڳي ويا آهن ان سلسلي ۾ چڪ واسين فنڪارن، مشهور طبلي نواز، دهلارين، باجو وڄائيندڙ ۽ ڳائڪي سان دلچسپي رکندڙ سيد منور شاهه، سيد اطهر شاهه، منظور علي ميراڻي، برڪت مارفاڻي، فقير ديدار اوڏ، اڏيل فقير عرف اوچتو جلال، ذوالفقار شيخ، ڪنور فقير باگڙي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جديد دور ۾ جتي کوڙ سهولتون پيدا ڪيون آهن اتي راڳ ويراڳ واري فن جي جدت ڪافي ڌڪ رسايو آهي ويجهي ماضيءَ ۾ ويهانءُ شادين ۽ خوشين جي ٻين موقعن تي راڳ ويراڳ ٿيندو هيو جنهن ۾ پوندڙ گهور جي رقم مان سٺي روزي ٿيندي هئي پر جديد دور ۾ ڊي جي سسٽم اچڻ اهو رجحان گهڻي تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي هاڻي سنڌي راڳ ويراڳ جون محفلون اتر سنڌ جي صوفي درگاهن داتا فيض درياءُ، درگاهه ڀور ڀٽ، ٻڍل فقير ۽ ٻي هنڌن تي ٿيون پر اگر سنڌ سرڪار ختم ٿيندڙ راڳ تي توجهه نه ڏنو ته ڪجهه سالن ۾ اهو رجحان درگاهن تان به ختم ٿي سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.