تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڊراما سيريل لوگ ڪيا ڪهينگي، نند ۽ گهسي پٽي محبت مداحن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب

ڊراما سيريل لوگ ڪيا ڪهينگي جي ڪهاڻي حسيب جي ڪردار جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪو آپگهات جو سوچي ٿو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) نجي ٽي وي تي هلندڙ ڊراما سيريل لوگ ڪيا ڪهينگي، نند ۽ گهسي پٽي محبت مداحن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. ان حوالي سان اي آر واءِ ڊيجيٽل جي سينيئر ڪاپي ايڊيٽر م ش خ ٻڌايو آهي ته سيريل لوگ ڪيا ڪهينگي جي ڪهاڻي حسيب جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪو آپگهات واري مسئلي جو شڪار ٿئي ٿو ان جي فنڪارن ۾ فيصل قريشي، اعجاز اسلم، صحيفه جبار، ڪنزا خٽڪ سڪينا سمو ۽ ٻيا شامل آهن. سيريل نند اڪثر گهر تڏهن ٽٽندا آهن جڏهن انسان پنهنجي دماغ بدران ٻين جي ڳالهين تي هلندو آهي، ائين ئي گوهر پنهنجي ڪٽنب سان ڪيو. ڊرامي جي فنڪارن ۾ شهروز سبزواري، منال خان، اياز سمو، مهوش قريشي، اعجاز اسلم شامل آهن. سيريل گهسي پٽي محبت جي ڪهاڻي آهي سامعه جي جيڪا انوار جي بيروزگاري سبب گهر جي سموري ذميواري پاڻ سنڀالي ٿي، هن ڊرامي جي فنڪارن ۾ رمشا خان، وهاج علي، صبا حميد، ثنا عسڪري، افشان قريشي شامل آهن.

Bookmark the permalink.