تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڊاڪٽر عارف علوي پاران حديقه جي گاني جي واکاڻ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي مقبول اداڪارا حديقه ڪياني جي ڪشميرين لاءِ ڳايل گاني جي واکاڻ ڪئي آهي. انسٽاگرام تي ڳائڻي ڊاڪٽر عارف علوي جي پيغام جي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن تي لکيل آهي ته ڪشمير جي مظلوم عوام جي جدوجهد جي عڪاسي ڪندڙ هي هڪ بهترين گانو آهي. انشاءَالله ڪشميرين جا خواب، جيئن هن گاني ۾ ٻڌايا ويا آهن، هڪ ڏينهن حقيقت ٿيندا. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته هي واقعي دل کي گرمائيندڙ گانو آهي. هن چيو ته ڪشميرين تي جيڪي ڀارت ظلم ڪري رهيو آهي ان جو خاتمو ٿيندو. ڪشمير آزاد ٿيندو.

Bookmark the permalink.