تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڇوڪرين کي پرچائڻ سولو ڪم ناهي: منال خان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا منال خان پنهنجي پهرين ٽڪ ٽاڪ وڊيو جاري ڪري ڇڏي. انسٽاگرام تي 50 لک کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ منال خان ٽڪ ٽاڪ به جوائين ڪري ورتو آهي ۽ هن ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجي پهرين وڊيو اپ لوڊ ڪري ڇڏي آهي جيڪا وائرل به ٿي رهي آهي. هن وڊيو ۾ هو چئي رهي آهي ته اسان ڇوڪرين کي پرچائڻ ڪو سولو ڪم ناهي ڇو ته اسان کي ڪيترائي ڀيرا خبر ئي ناهي هوندي ته اسان ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙيل آهيون. 12 ڪلاڪن ۾ 8 هزار ويوز ٿي چڪا اهن. منال خان اڄ ڪلهه ڊراما سيريل جلن ۾ پهريون ڀيرو ناڪاري ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

Bookmark the permalink.