تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

“ڇا عيد جي شاپنگ ضروري آهي” صنم سعيد کي لاڪ ڊائون ۾ نرمي تي ڳڻتي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 9 مئي کان لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جي اعلان کاپوءِ شهر ۾ ٽريفڪ جي بدترين صورتحال ۽ مارڪيٽن ۾ رش ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جنهن کانپوءِ ڪيتريون ئي مشهور شخصيتن سوشل ميڊيا تي احتياطي اپائن کي نظراندز ڪرڻ وارن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ وسيم اڪرم جي زال شنيرا اڪرم احتياطي اپاءَ نظرانداز ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو هو جڏهن ته هاڻي ادڪارا صنم سعيد به ماڻهن کي عيد جي خريداري تي سوال اٿاري ڇڏيو آهي. اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ڇا اسان کي واقعي بازار وڃي عيد جي خريدار ڪرڻ جي ضرورت آهي؟ ڇا اسان ٻيهر اڳ جيان ٿي وينداسين ۽ پنهنجي اندر ڪا تبديلي نه آڻينداسين؟ هن وڌيڪ چيو ته مهرباني ڪري احتياط سان ٻاهر وڃو هي ڏکيو وقت آهي ڇو ته سڀ گڏ ٻاهر نڪري آيا آهن. صنم سعيد تجويز ڏني ته ڇو نه هن سال عيد انوکي انداز ۾ ملهائجي؟ ان کان اڳ اداڪارا اشنا شاهه به عوام کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو. خيال رهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 مارچ کان دڪان بند هئا جڏهن ته صوبي ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان 22 مارچ تي ڪيو ويو هو. 9 مئي تي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ واپارين مارڪيٽون کولڻ بابت وڏي وزير سان ملاقات ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.