تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڇا صبا قمر ۽ بلال سعيد شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن؟

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور اداڪاره صبا قمر انسٽاگرام تي ڪيل هڪ پوسٽ ۾ بلال سعيد کي(قبول آهي) لکي مداحن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي  جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي صبا قمر ۽ بلال سعيد جي شادي جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون. سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي مشهور اداڪاره صبا قمر گلوڪار بلال سعيد سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن جو غير واضح ڪيپشن قبول آهي لکي مداحن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽  مزي جي ڳالهه وري اها آهي ته بلال سعيد به ان تصوير سان گڏ جواب ۾ قبول آهي لکيو آهي جنهن سبب مداحن کي لڳو ته ٻنهي فنڪارن شادي ڪري ڇڏي آهي. شوبز جي فنڪارن پاران پوسٽون وائرل ٿيڻ کان پوءِ مداحن ٻنهي جي پوسٽ تي کين مبارڪون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. ايستائين جو ماڊل نازيه حسين به صبا قمر کي شادي جي مبارڪباد ڏيندي لکيو آهي ته اميد آهي ته مان غلط نه سمجهي رهي آهيان. مداحن طرفان مبارڪباد وصول ڪرڻ کان پوءِ صبا قمر وضاحتي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته گلوڪار بلال سعيد جي هڪ گيت جي لاءِ مان هدايتڪاري ڪري رهي آهيان ۽ پوسٽ ۾ موجود تصوير به ان ميوزڪ وڊيو جي آهي هي گيت جلد رليز ڪيو ويندو.واضح رهي ته اداڪارا صبا قمر پنهنجو يوٽيوب چينل هلائي رهي آهي ۽ سندس ڪيتريون ئي يوٽيوب وڊيوز مقبول ٿيون آهن. هو اداڪاري کانسواءِ به ڪيترائي فن رکي ٿي.

Bookmark the permalink.