تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

چين: 2 ورهين جي ڄمار ۾ اغوا ٿيل نينگر 32 ورهين کانپوءِ بازياب

بيجنگ (دلچسپ نيوز) چين ۾ هڪ هوٽل ٻاهران اغوا ڪيل ٻارڙو نيٺ 32 سالن کانپوءِ والدين کي ملي ويو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب 32 سال اڳ 1988ع ۾ چيني ٻار ماوين کي هڪ هوٽل ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو ۽ ان وقت سندس عمر 2 سال هئي. اغوا ٿيڻ کانپوءِ نينگر کي هڪ بي اولاد جوڙي کي وڪرو ڪيو ويو هو جنهن کيس پنهنجي اولاد جيان پاليو. پوليس کي هلندڙ مهيني اپريل ۾ مغوي جي حوالي سان اطلاع مليا ته چيني صوبي سيچوان سان واسطو رکندڙ هڪ شخص 1988ع ۾ هڪ ٻار کڻي آيو هو جنهن تي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس ڪارروائي ڪندي پهريان مغوي کي بازياب ڪيو ۽ تصديق ڪئي ته هن ئي ٻار کي هوٽل ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو. پوليس 32 سال اڳ اغوا ڪيل ٻارڙي کي ان جي حقيقي والدين تائين پهچائن لاءِ چهرو سڃاڻيندڙ ٽيڪنالاجي ۽ ڊي اين اي جو سهارو ورتو. پوليس موجب مغوي جي ننڍپڻ جون تصويرون گڏ ڪيون ويون ۽ والدين جي ڳولا لاءِ نيشنل ڊيٽابيس کان مدد ورتي جنهن کانپوءِ پوليس 34 سالن جي مغوي کي سندن والدين حوالي ڪيو جيڪي پٽ جي ڳولا لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا هئا. مغوي پٽ سان ورهين کانپوءِ ملاقات تي سندس والدين لڙڪ لاڙي ويٺا. ان موقعي تي سندس ما جو چوڻ هو ته کين پنهنجي پٽ جي ڳولا لاءِ نوڪري ڇڏڻي پئي ۽ عملدارن کي هڪ لک کان وڌيڪ خط موڪليا جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا ٽي وي چينل تي ٻار جي واپسي لاءِ مدد جي اپيل ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.