تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

چاهيان ٿي ماڻهو اداڪارا نه پر اداڪار طور سڃاڻين: ڪيٽ بلينشٽ

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪيٽ بلينشٽ جو چوڻ آهي ته هن هميشه پاڻ کي اداڪارا نه اداڪار ئي سمجهيو آهي ۽ سندس خواهش آهي ته ماڻهو به کيس ائين ئي سمجهن ۽ چون. برطانوي خابرو اداري موجب ڪيٽ بلينشٽ اٽلي جي شهر وينس ۾ 2 سيپٽمبر تي شروع ٿيل وينس فلم فيسٽيول جي پهرئين ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران چيو ته اداڪاري جي ڪا جنس ناهي هوندي. ڪيٽ چيو ته هن پاڻ کي اڄ تائين اداڪار ئي سمجهيو آهي ۽ کيس خوشي ٿيندي ته ماڻهو به کيس اداڪار ئي چون. هن چيو ته برلن فلم فيسٽيول انتظاميا 2021 کان بهترين اداڪارا ۽ اداڪار جو ڌار ڌار ايوارڊ نه ڏيڻ جو اعلان ڪندي نيچرل جينڊر جو هڪ ئي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.