تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڀارت: ٻار استعمال ٿيل پي پي اي ڪٽ ۾ ڪاٺيون ڍوئڻ لڳا

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ استعمال ٿيل پي پي اي ڪٽ ۾ ڪاٺيون کڻي وڃڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست آگرا ۾ ڪينٽ ريلوي اسٽيشن ويجهو ٻه ٻار استعمال ٿيل پي پي اي ڪٽ ۾ ڪاٺيون گهر کڻي وڃي رهيا هئا جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ٻارن جو چوڻ آهي ته ليبارٽري ويجهو هڪ تدفين واري جاءِ ويجهو ڪچري جي ڍير تان استعمال ٿيل پي پي اي ڪٽ ملي آهي. ٻارن موجب اسان ڪاٺيون کڻي وڃڻ لاءِ اڇي سوٽ جو استعمال ڪيو تنهن کانپو3 گهر پهتاسين ته اسان جي والدين اسان کي فوري طور ان کي اڇلائڻ جو چيو ۽ پوءِ اسان ان کي نالي ۾ ڦٽو ڪيو. رپورٽ موجب ٻنهي ٻارن جو واسطو خانا بدشو قبيلي سان آهي ۽ هو ڪم جي ڳولا ۾ راجسٿان کان آگرا آيا هئا.

Bookmark the permalink.