تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڀارت جو ڪلاسيڪل راڳي پنڊت جسراج لاڏاڻو ڪري ويو

ڀارت جو ڪلاسيڪل راڳي پنڊت جسراج لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارت جو ڪلاسيڪل راڳي پنڊت جسراج 90 ورهين جي عمر ۾ آمريڪا جي رياست نيو جرسي ۾ فوت ٿي ويو. هندوستان ٽائيمز جي رپورٽ موجب هو دل جي حرڪت بند ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. پنڊت جسراج ڀارتي ڪلاسيڪل موسيقي جو هڪ وڏو نالو هو ۽ سندس واسطو ميواتي گهراڻي سان هو جڏهن ته هو ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ ڀارت ۾ لاڳو لاڪ ڊائون وقت آمريڪا ۾ هو. سندس گهرڀاتين موجب انتهائي ڏک سان اطلاع ڏيون ٿا ته پنڊت جسراج جي نيو جرسي ۾ واقع گهر ۾ ڪارڊيڪ اريسٽ سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

Bookmark the permalink.