تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڀارت جو چين سان مقابلو، ٽڪ ٽاڪ جي ٽڪر ۾ چنگاري ايپ لانچ

ممبئي (دلچسپ نيوز) ڀارت لپ سنسنگ ذريعي مختصر وڊيو ٺاهيندڙ  مشهور ترين چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ جي مقابلي ۾ پنهنجي ايپ لانچ ڪري ڇڏي آهي. ڀارت ۾ چيني شين جي بائيڪاٽ جي مهم به جاري آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب هاڻ ڀارت چيني ايپ ٽاڪ ٽاڪ جو مقابلو ڪڻ جي لاءِ نئين ايپ چنگاري لانچ ڪئي جنهن کي گذريل  72 ڪلاڪن دوران  5 لک کان وڌيڪ صارفين ڊائون لوڊ ڪيو آهي. هن نئين ايپ چنگاري جي ذريعي صارفين ٽڪ ٽاڪ جيان لپ سنسنگ ڪري مختصر وڊيو ٺاهي سگهن ٿا جڏهن ته هن ايپ کي سماجي رابطن جي لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو ڇو ته ان ۾ صارفين جا پيغام موڪلڻ جي سهولت به ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته دنيا جي مشهور ترين چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ کي ڀارت ۾ به ڪروڙين صارفين طرفان استعمال ڪيو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.