تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڀارتي ڊيزائنر جي محترمه بي نظير ڀٽو کي ڀيٽا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) توراني نالي ڀارتي ڊيزائنر پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محتمه بي نظير ڀٽو جي پينٽنگ ٺاهيندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي. ڀارتي ڊيزائنر انسٽاگرام تي دنيا جي مشهور عورتن تي ٻڌل “يون هوتا تو” جي نالي سان هڪ سيريز شروع ڪئي جنهن ۾ هن مشهور شخصيتن جون پينٽنگز ٺاهي کين ڀيٽا پيش ڪئي. محترمه بي نظير ڀٽو جي پينٽنگ شيئر ڪندي ڀارتي ڊيزائنر ساڻس محبت جو اظهار به ڪيو. توراني چيو ته محترمه بي نظير ڀتو هڪ عظيم ليڊر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهادر عورت به هئي جنهن پنهنجي قابليت سان سياست ۾ پير رکيو ۽ ڪامياب به ٿي. اسان گهڻن ئي طريقن سان محترمه بي نظير ڀٽو کي ڀيٽآ پيش ڪري سگهون ٿا پر مان سندس پينٽنگ ٺاهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي. محترمه بي نظير ڀتو جي مٿي تي هميشه اسڪارف هوندو هو، هو خوبصورتي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي.

Bookmark the permalink.