تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

ڀارتي همراهه ڌيءُ کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ انوکي موٽرسائيڪل ٺاهي ورتي

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڪورونا وائرس جي وبا دوران سماجي وٿي جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هڪ ڀارتي ميڪينڪ اهڙي موٽرسائيڪل ٺاهي آهي جنهن تي سوار ٿيندڙ ٻن ڄڻن ۾ هڪ ميٽر جي وٿي برقرار رهي ٿي. ڀارتي رياست تريپوره جي رهواسي 39 سالن جي پارٿ پنهنجي ڌيءُ کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ ۽ ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ هي موٽرسائيڪل ٺاهي آهي. برطانوي خابرو اداري موجب پارٿ جو چوڻ هو ته اسڪول کلڻ تي مون کي ڌيءَ کي اسڪول ڇڏڻو پوندو جنهن لاءِ مون کي اهو خيال آيو ته ڇو نه سماجي وٿي واري موٽرسائيڪل ڍاهي وڃي ۽ اها موٽرسائيڪل ٺاهڻ لاءِ مون پنهنجي سموري آمدني لڳائي ڇڏي آهي.

Bookmark the permalink.